- Advertisement -
سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي بند ڪيو ويو .
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب اڄ به ٽريفڪ سخت متاثر ٿي آهي.
موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي 3 فيض پور کان سمندري تائين بند آهي.
ترجمان موجب، موٽر وي ايم 4 عبدالحڪيم کان فيصل آباد بند آهي.
ايم 2 لاهور کان ڪوٽ مومن ۽ ملتان موٽر وي فيض پور کان رجانه ۽ موٽر وي ايم 11 لاهور کان سيالڪوٽ تائين بند ڪيو ويو آهي.
موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب قومي شاهراهه، انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي.
خيرپور ۽ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گهٽجڻ سبب قومي شاهراهه تي ٽريفنگ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي.
موري ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب نظر جي حد 10 ميٽرن تائين رهجي وئي آهي.
پڊعيدن ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي، جنهن سبب ماڻهن کي ڊرائيونگ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ لڳيو.
دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي.
پيروسڻ، کرڙا، سيري، مروڙ، جعفر خان جلالاڻي ۽ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ ڪري مهراڻ هاءِ وي تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي.
ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي، جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي .
ننگريجا ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ڏينهن کان ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر وئي آهي.
ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڪوهيڙي جي ڪري نظر جي حد گهٽجي وئي آهي،جنهن سبب ماڻهن گهرن تي محدود ٿي ويا آهن.
پکو، قبو سعيد خان ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.- Advertisement -
