تازه ترين

 ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه

- Advertisement -
ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي. سنڌ درياهه جي پاڻي وهڪرن ۾ واڌ سبب  سکر بئراج وٽ ڇهن ڏينهن کان وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي. سکر بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 25 سئو 80 ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهو وهڪرو 3 لک 84 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 3 لک 72 هزار ڪيوسڪ 610 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. برسات سبب سکر بئراج جي روهڙي ڪئنال، خيرپور ايسٽ، ويسٽ ۽ رايئس ڪئنال کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. سيوهڻ ۽ کير ٿر جي جابلو پٽي ۾ تيز برسات بعد منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 112 فوٽ کان به وڌي وئي آهي، جنهن ڪري ڪچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو   پاڻي اچڻ سبب شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڳوٺاڻن ڪچي کان پڪي طرف  لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون