- Advertisement -
سنڌ ادبي سنگت طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
ٽنڊي الهيار، ٺٽي، ڪوٽڙي ۽ کپرو سنڌي ادبي سنگت طرفان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
کپرو ۾ فقير امر عباس ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ٽنڊي الهيار ۾ احساس ميرل سهتو ۽ محمد علي مير جت جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺٽي ۾ رمضان ميمڻ، فقير اڪرم، سجاد ميمڻ، حسن رند، جمشيد جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران صاحب ميمڻ، اسماعيل باريجو، ستار فاني، نرسنگ شانت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٿر جي خوبصورتي ختم ڪرڻ لاءِ کارسر جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي سندس تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
هوڏانهن ننگرپارڪر ۾ کارسر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ جسقم اڳواڻ نواز شاهه زنئور، ايس يو پي اڳواڻ آزاد امير، وسند ٿري، هريان ٻائي، الهرکيو کوسو ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر جبل رڳو پٿرن جو ڍير ناهي تاريخي ماڳ آهي.
هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪنهن به پهاڙي سلسلي جي نيلامي قبول نه آهي، سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻدو پوندو……- Advertisement -
