مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي ٻن منٽن ۾ ٺيڪ نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ 10 کان 15 سال لڳندا، عوام موقعو ڏنو ته ٻيهر پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائيندا.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاناما هڪ ڊرامو هو، هڪ ماڻهو کي ملڪ تي مڙهڻو هو اهو ڪيو ويو، 24هين معيشيت کي 47هين معيشيت بڻائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو.
سندس چوڻ هو ته معيشيت جي ٺيڪ ٿيڻ وقت لڳندو آهي، ڪا جادو جي لٺ ناهي جو گهمائڻ سان ئي معيشيت ٺيڪ ٿي ويندي آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن عوام ن ليگ کي ٻيهر چونڊيو ته سندن معاشي پلان اهو ئي هوندو جيڪو ماضي ۾ هو.
هن چيو ته سندن 16 مهينا ملڪ کي ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هئا، گذريل حڪومت هڪ سو ماڙ عمارت ۾ باهه لڳائي وئي هئي اها باهه 98 ماڙ تائين پهچي چڪي هئي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته مريم نواز ته پهريان ئي بري ٿي چڪي آهي، نواز شريف جي ڪيس جا به هاڻي سمورا شاهد اچي چڪا آهن، نواز شريف خلاف ڪوڙا ڪيس هئا، انشاءَ الله هو به سوڀارو ٿيندو……..