تازه ترين

ملڪ ۾ آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، حڪومت به ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪري هارين جي معاشي قتل جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي وڃي،  ملڪي مسئلن جو حل ڳالهين کانسواءِ ممڪن ناهي، مخالف ڌر روئڻ بدران عوامي مسئلن تي ڳالهيون ڪري.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀتو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي خطاب ۾ ڳالهين جو چيو، صدر تقريب دوران ويهه منٽ رڳو عوامي مسئلن تي ڳالهايو.

هن چيو ته جمهوري انداز ۾ احتجاج ڪرڻ هر سياسي پارٽيءَ جو حق آهي،  مخالف ڌر پنهنجن ذاتي مسئلن تي واويلا ڪرڻ بدران عوام جي مسئلن تي ڳالهيون ڪري، پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي ڪلاڪ جي تقرير ۾ رڳو پي ٽي آءِ باني ۽ پنهنجي ساٿين لاءِ واويلا ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جون پگهارون تڏهن حلال ٿينديون، جڏهن اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪندا، مخالف ڌر کي هو تجويز ڏيندو ته بجيٽ ۾ انهن جون تجويزون هجڻ گهرجن.

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت به ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪري هارين جي معاشي قتل جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون