تازه ترين

ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال عام چونڊن جي چوري جو نتيجو آهي : مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال عام چونڊن جي چوري جو نتيجو آهي، هاڻي اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن کي چونڊ عمل کان لاتعلق ٿيڻو پوندو.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن ۾ عوام جي سوچ هڪ ۽ نتيجا ٻيا هوندا ته عوام پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندو.

جي يو آءِ سربراهه پر تشد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته هو چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ سميت ٻين جماعتن کي جلسو ڪرڻ جي اجازت هجي، پي ٽي آءِ وارن ڊي چوڪ پهچڻ جو اسرار ڪيو، کين اتي پهچڻ لاءِ ڪيئن رستو ڏنو ويو؟

هن چيو ته ڊي چوڪ تي وڙهندي جيڪي جوان شهيد يا پي ٽي آءِ ڪارڪن فوت ٿيا، اهو رت پاڪستان جو هو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي آئين تحت هلائي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو، هن وقت ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن به سطح جي حڪومت ناهي جو اهڙن فسادن ڏانهن ڌيان ڏي.

هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به پرتشدد واقعا ٿيا آهن، جيڪڏهن حڪومت سنجيده نه هوندي ته پوءِ معاملا ڪيئن حل ٿيندا؟.

سندس چوڻ هو ته 26 هين آئيني ترميم تي حڪمران جماعت جي ڪوشش هئي ته 9 ڪلاڪن اندر معاملا حل ٿين پر هو، معاملي کي مهيني تائين کڻي ويا، ڪافي شقون ختم ڪري پوءِ ترميم ڪئي وئي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته معاملا ڳالهين جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، هو سهڪار ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، ڇاڪاڻ مسئلي جو حل رڳو ڳالهيون آهن، حڪومت چاهي ٿي باني جيل ۾ هجي ۽ پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته هوکيس ٻاهر ڪڍندا، ته ان سان انارڪي ڦهلجندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ صوبائي خودمختياري جي حامي آهي ۽ صوبن جي وسيلن تي پهريان انهن جو ئي حق آهي، تنهن ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سمورا معاملا اتفاق راءِ سان حل ٿيڻ گهرجن، ڪنهن به معاملي تي ڪنهن صوبي کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته سکر ۾ تاريخ جو وڏو جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پوندو، جيڪو عوام ۽ ملڪ جي رهنمائي ڪندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون