تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ دهشتگرد هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرد هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز امن امان لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، حڪومت لاءِ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ چئلينج هوندو، چونڊ دوران پ پ جي 12 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، صوبي جي بهتري لاءِ سڀ گڏجي ڪردار ادا ڪندا. سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هو اسيمبليءَ ۾ قسم کڻندڙ ميمبرن کي ڀليڪار ڪري ٿو، عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکندا. سندس چوڻ هو ته عزيز جوڻيجو سينيئر سياستدان هو، عزيز جوڻيجو چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو پر لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن مهم دوران سندن 12 ڪارڪن شهيد ٿيا، اسيمبليءَ ۾ مرحومن لاءِ دعا گهري وڃي. هن چيو ته ملڪ دهشتگردي سميت ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، ملڪ ۾ دهشتگرد هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن. سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سڪيورٽي فورسز امن امان لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، حڪومت لاءِ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ چئلينج هوندو، صوبي جي بهتري لاءِ سڀ گڏجي ڪردار ادا ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون