تازه ترين

پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

- Advertisement -
پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، سني اتحاد ڪائونسل ميان اسلم اقبال بدران راڻا آفتاب احمد خان کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، وڏ وزارت لاءِ آفتاب احمد خان ۽ مريم نواز ۾ مقابلو ٿيندو. پنجاب اسيمبليءَ جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ شام پنجين وڳي تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. وڏ وزارت لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد اميدوار ميان اسلم اقبال قسم کڻڻ لاءِ اسيمبلي نه پهچي سگهيو جنهن بعد راڻا آفتاب احمد خان کي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو ويو. پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ مسلم ليگ نون پهريان ئي مريم نواز کي نامزد ڪري چڪي آهي. وڏ وزارت لاءِ آفتاب احمد خان ۽ مريم نواز ۾ مقابلو ٿيندو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28 ° C
28 °
28 °
40 %
5.6kmh
59 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون