سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب ھڪ تولي سون جي رقم ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولي جي قيمت 2 لک 47 ھزار 300 رپيا ٿي وئي آھي.
10 گرام سون جو اگھھ 686 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 12 هزار 20 رپيا ٿي ويو آھي.
عالمي مارڪيٽ ۾سون جو اگھھ 8 ڊالر اضافي کانپوءِ 2371 ڊالر في اونس آھي
پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالر پريميئم شامل ڪري 2371 ڊالر في اونس آھي.