تازه ترين

سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جو وقعو، بشنوئي گينگ ذميواري قبول ڪري ورتي

- Advertisement -
باليووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي ذميواري گينگسٽر لارنس بشنوئي جي ڀاءُ قبول ڪري ورتي . ميڊيا رپورٽس موجب سلمان خان جي گهر جي ٻاھران هڪ ڏينھن اڳ موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن فائرنگ ڪئي ھئي ۽ ان حوالي سان جاچ جو سلسلو جاري آھي. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته پوليس فائرنگ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ اڻڄاتل ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي. ايف آئي آر موجب فائرنگ ڪرڻ وارن ٻن ماڻھن مان ھڪ جو تعلق گروگرام سان آھي پر ھن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگھي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب، سلمان خان جي گھر تي فائرنگ ڪيس ممبئي جي ڪرائيم برانچ جي حوالي ڪيو ويو آھي، جنھن جي جاچ 10 کان وڌيڪ ٽيمون ڪري رھيو آھن. ٻي پاسي گينگسٽر لارنس بشنوئي جي ڀاءُ فائرنگ جي ذميواري سوشل ميڊيا تي قبول ڪري ڇڏي ..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
20 %
5kmh
1 %
سُومر
26 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون