تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو; پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو، سياسي استحڪام سان ئي معاشي  مضبوطي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ممڪن آهي،  دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ نئين ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، جيڪو اسلام آباد ۾ ٿيو اهو سياسي دائري کان ٻاهر هو، پ پ ڪنهن به پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ يا گورنر راڄ لڳائڻ جي حق ۾ ناهي.

پيپلزپارٽيءَ جي 57هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ علائقن کي هو مخاطب  آهي.

هن چيو ته هو ملڪ ۾ امن امان ۽ دهشتگردي جو خاتمو چاهن ٿا، پ پ ملڪ ۾ استحڪام ۽ معاشي ترقي چاهي ٿي، هو چاهن ٿا ته سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، هن وقت ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم نه پيون ڪن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين جي هڪ ئي دلچسپي آهي ته پنهنجي ليڊر کي جيل کان ٻاهر ڪڍرائن، اپوزيشن هن وقت نه جمهوري نه ئي سياسي آهي، 9 مئي واقعا سياسي دائري ۾ ناهي، اسلام آباد ۾ پيش آيل واقعو به سياسي دائري ۾ نٿو اچي.

پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ وٽ ملڪ جي سمورن مسئلو جو حل آهي، هو هاڪاري سياست تي يقين رکن ٿا، سندن موقف رهيو آهي ته سياسي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته سياسي استحڪام ملڪ لاءِ ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو، سياسي استحڪام سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو.

پ پ چيئرمين چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ سمورين پارٽين کي گڏجي سياسي استحڪام قائم ڪرڻو پوندو، ڳالهين جي راهه ۾ مخالف ڌر وڏي رنڊڪ آهي، هو سياسي پارٽين نه پر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت ڪو به رابطو ناهي ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير امن قائم ڪرڻ بدران گوليون هلائڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو، اهڙي ڌمڪي ڪهڙي قسم جي سياست آهي؟

پ پ چيئرمين چيو ته پارا چنار ۾ جهڙيءَ ريت رت جون نديون وهايون ويون، اهڙن واقعن سان رياست جي عملداري ختم ٿي ويندي آهي، دهشتگردي جو خاتمو ممڪن آهي،  دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ نئين ايڪشن پلان جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون