ملڪ ۾ منڪي پاڪس جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد انگ وڌي 4 ٿي ويو

- Advertisement -
ملڪ ۾ منڪي پاڪس جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد انگ وڌي 4 ٿي ويو. صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهه مان پهتل پشاور واسي شهري ۾ منڪي پاڪس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب، سمورن هوائي اڏن تي اسڪريننگ جو مضبوط نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، ايم پاڪس کان بچاءَ لاءِ  مضبوط ڪوششون ڪيون  پيون وڃن. صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبا ۽ وفاق گڏجي ويجهي رابطي ۾ آهن، سمورن ضروري قدمن کي بروقت يقيني بڻايو پيو وڃي، صحت واري وزارت هر پل جي صورتحال جي مانيٽرنگ ڪري رهي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب، گذريل ڏينهن ڪراچي مان رپورٽ ٿيل ايم پاڪس جي شڪي شخص جا نمونا نيگيٽو آيا آهن، شڪي شخص کي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي آئسوليٽ ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون