- Advertisement -
حڪومت رائيٽ سائزنگ بابت معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته گريڊ هڪ کان 22 تائين سرڪاري عهدن جي رائيٽ سائزنگ ڪئي پئي وڃي، 60 هزار عهدا سرپلس ٿي سگهن ٿا، 17 کان 22 گريڊ تائين عهدا شامل آهن، رائيٽ سائزنگ ڪميٽي پهرين مرحلي ۾ ڇهن وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو آهي، لڳي ٿو ته قيصر بنگالي جي راءِ رابطن ۽ سوچ سمجهه جي کوٽ تي ٻڌل آهي.
حڪومتي ترجمان موجب، وفاقي حڪومت جي رائٽ سائزنگ ڪميٽي ڊاڪٽر قيصر بنگالي طرفان رائٽ سائزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي دوران ڏنل قيمتي راءِ ۽ مشورن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي، ڊاڪٽر قيصر بنگالي پنهنجي راءِ رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي معزز ميمبر جي حيثيت ۾ ڏني.
حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته رائٽ سائزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي دوران ڇهن وزارتن ۽ ادارن جو جائزو ورتو ويو، لڳي ٿو ته قيصر بنگالي جي راءِ رابطن ۽ سوچ سمجهه جي کوٽ تي ٻڌل آهي.
حڪومتي ترجمان موجب، غلط فهمي يا غلط تصور کان بچڻ لاءِ ڪابينا طرفان منظور ڪيل رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جي رخن کي واضح ڪيو پيو وڃي.
حڪومتي ترجمان چيو ته رڳو گريڊ هڪ کان 16 تائين نه پر گريڊ هڪ کان 22 تائين سمورن سرڪاري عهدن کي رائٽ سائز ڪيو پيو وڃي، لڳ ڀڳ 60 هزار عهدا سرپلس ٿي سگهن ٿا، جن ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جا عهدا به شامل آهن.
حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته رائٽ سائزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي دوران ڇهن وزارتن ۽ ادارن جو جائزو ورتو ويو، جن مان هڪ وزارت کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻن وزارتن کي ضم ڪيو پيو وڃي.
حڪومتي ترجمان موجب، ان جو مطلب اهو آهي ته بي ايس 22 جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن عهدن ۽ بي ايس 17 کان 22 تائين جي ڪيترائي عهدا ختم ٿي سگهن ٿا، اهڙي طرح هنن گريڊن جا آفيسر سر پلس ٿي ويندا.- Advertisement -
