- Advertisement -
ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل ٻه هفتا گهٽتائي بعد هلندڙ هفتي مهانگائي ۾ وري اضافو شروع ٿي ويو.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندر هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهاي 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح 43 ڏهائي 25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب هفتي دوران پندرهن شين جي اگهن ۾ اضافو ۽ نون شين جا اگهه گهٽ ٿيا ۽ 27 عام ضرورت وارين شين جا اگهه مستحڪم رهيون.
انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي دوران بصر، ڪڪڙ، ٻاڪرو ۽ وڏو گوشت ۽ دالين سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿيو.
شماريات کاتي موجب پٽاٽا، ٽماٽا، گيهه، ڪوڪنگ آئل، آنن، سرنهن جي تيل ۽ ڳـُـڙ جي قميت ۾ گهٽتائي ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 17 کان 22 هزار 888 رپيا ماهوار آمدنيءَ وارن لاءِ مهانگائي جي شرح 40 ڏهائي 74 سيڪڙو، 22 هزار 889 کان 29 هزار 517 رپيا ماهوار آمدنيءَ واري طبقي لاءِ مهانگائي جي شرح 46 ڏهائي 99 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
شماريات کاتي موجب 29 هزار 518ع کان 44 هزار 175 رپيا ماهوار آمدنيءَ واري طبقي لاءِ مهانگائيءَ جي شرح 44 ڏهائي 26 سيڪڙو ۽ 44 هزار 176 رپين کان وڌيڪ آمدنيءَ وارن لاءِ مهانگائي جي شرح 41 ڏهائي 60 سيڪڙو رهي.- Advertisement -
