مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين تاريخ لکي پئي وڃي، پاڪستاني قوم جي مئنڊيٽ سان مهانگائي هڪ دفعو ٻيهر گهٽ ٿيندي، نواز شريف جا ڪجهه زخم اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا، نواز شريف جي واپسي ترقي ۽ خوشحالي جي شروعات آهي، آسمان تان ناميدي جا ڪڪر ختم ٿي رهيا آهن، فيڪ نيوز ٺاهيندڙن کي آرام ڪرڻ گهرجي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ملڪي تاريخ جو سب کان وڏو سياسي جلسو ٿيندو، نواز شريف وزيراعظم هو، آهي ۽ چوٿون ڀيرو به ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جو عوام ڏکيائن ۾ وڪوڙيل آهي، نواز شريف جي آمد عوام لاءِ خوشحالي جو پيغام آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته سياسي مخالفن جي نظر رڳو نواز شريف تي آهي، شهباز شريف 16 مهينن ۾ ملڪ کي ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ کان بچايو، وزيراعظم هائوس جا دروازا نواز شريف لاءِ اڄ کلي ويا آهن، ماڻهو مينار پاڪستان طرف واجهائي رهيا آهن.
مريم اورنگزيب چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان ٽرينون پهچي رهيون آهن، نواز شريف جو اچڻ ملڪ لاءِ نئين عروج، خوشحالي ۽ ترقي جو پيغام آهي، 2017ع ۾ مهانگائي ملڪ جي گهٽ ترين سطح تي هئي………