ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ساڍا پنج رپيا في لٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شئين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن سبب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شيون 5 رپيا 91 پئسا تائين مهانگايون ٿيڻ جو امڪان آهي،
پهرين 6نومبر کان پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 58 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5رپيا 91 پئسا في لٽر تائين اضافي جو امڪان آهي.
گاسليٽ جي اگهه ۾ 2 رپيا 58 پيسا في لٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
آئل ڪمپنين پيٽروليم شئين بابت ورڪنگ اوگرا کي موڪلي ڇڏي آهي.
اوگرا قيمتن بابت ورڪگن 15 نومبر تي حڪومت کي موڪلي ويندي، وزيراعظم جي صلاح مشوري کانپوءِ قيمتن بابت حتمي منظوري ڏني ويندي.
پيٽروليم شئين جي قيمتن بابت ناڻي واري وزارت نوٽيفڪيشن 15 نومبر تي جاري ڪندي.