تازه ترين

منهنجي خوبصورتي سبب هڪ مداح جي مڱڻي ٽٽي وئي: سونم باجوا

- Advertisement -
ڀارتي پنجابي فلمن جي مشهور اداڪارا سونم باجوا انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي خوبصورتي هڪ مداح جي مڱڻي ٽٽڻ جو سبب بڻجي وئي، هڪ عورت مداح مون کي پنهنجي مڱڻي ٽوڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو هو. هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته سندس خوبصورتي جي ڪري سندس تمام گهڻي واکاڻ ٿيندي آهي پر ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه عجيب به لڳي آهي. اداڪارا چيو ته منهنجي خوبصورتي سبب هڪ عورت پرستار مون تي پنهنجي مڱڻي ٽوڙڻ جو الزام لڳايو. سونم باجوا جو چوڻ هو ته هڪ تقريب دوران هڪ عورت پرستار منهنجي سامهون آئي ۽ مون کي چيو ته تنهنجي ڪري ئي منهنجي مڱڻي ٽٽي وئي آهي ڇو ته منهنجي منڱيندي کي تون ئي تمام گهڻي پسند آهين، ان ڪري ئي اسان ۾ هميشه جهيڙو ٿيندو رهندو هو. اداڪارا چيو ته اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مان حيران ٿي ويس ته مان ان ڳالهه جو ڪيئن جواب ڏيان ته منهنجي ڪري ڪنهن جو گهر تباهه ٿي ويو آهي، پر پوءِ مداح چيو ته توهان پريشان نه ٿيو، جيڪو ٿيو اهو سٺو آهي ڇو ته شادي لاءِ اهو شخص مناسب نه هو. اداڪارا جو چوڻ هو ته ان عورت جي وات مان شڪرگذاري جا لفظ ٻڌي مان صدمي مان نڪري آيس، جيڪڏهن نه ته مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آئون سندس ڳالهه جو جواب ڪيئن ڏيان؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون