تازه ترين

ڀارتي اداڪار کي سندس زال سميت قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو

- Advertisement -
ڀارتي اداڪار کي سندس زال سميت قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانڊا فلمن جي اداڪار درشن ٿگو ديپا کي هڪ شخص جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس اداڪار جي زال پوترا گائوڊا سميت 10 ٻين ماڻهن کي پڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته 47 سالن جي اداڪار کي ميسور ۾ سندس فارم هائوس مان گرفتار ڪيو ويو. مٿس رينوڪا سوامي کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جيڪو بنگلور جي هڪ فارميسي ۾ ڪم ڪندو هو. رينوڪر سوامي مبينا طور تي اداڪار درشن جي زال کي هراسان ڪرڻ وارا ميسيج موڪليا هئا، جنهن کانپوءِ ڪجهه عرصي بعد سندس لاش هڪ پل تان مليو. پوليس موجب ڪيس جي جاچ دوران 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن انڪشاف ڪيو ته رينوڪا کي اداڪار درشن جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو، رينوڪا سوامي جي والدين گمشدگي جي شڪايت داخل ڪئي هئي، اداڪار کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون