پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪو چاهي نه چاهي پر اليڪشن ته ٿيندي، چونڊون 90 نه ته 120 ڏينهن ۾ ضرور ٿينديون، ڪرڪيٽر کي ڀوڳيو، کيس واپس اچڻ نه ڏنو ويندو، ڀت تي لکيل آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، پ پ لاءِ چيو ويندو آهي ته ڪجهه نٿا ڪن، هو امير لاءِ ڪجهه ناهن ڪندا، غريب لاءِ سڀ ڪجهه ڪن ٿا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ بئراج تي حددخلين جي متاثرن ۾ پلاٽ ورهايا.
ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ڪجهه به ناهن ڪندا، ها هو اميرن لاءِ ڪجهه ناهن ڪندا، پر غريبن ۽ مسڪينن لاءِ سڀ ڪجهه ڪن ٿا.
هن چيو ته وڏي وزير ۽ ميئر کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي گهر ۽ زمين ڏني وڃي، جيڪي به ماڻهو بي گهر ٿيا انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڇڻ، 7 هزار 200 خاندان پنهنجي زمين جا مالڪ بڻجندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي منشور تي عمل ڪيو پيو وڃي، ججن کي رٽائرمينٽ تي پلاٽ ڏئي سگهجن ٿا ته غريبن کي ڇو نه؟
هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جهڙي اسپتال نه لاهور ۽ نه وري اسلام آباد ۾ آهي، عوامي خدمت لاءِ نعرن بدران عملي ڪم ڪرڻو پوندو.
پ پ چيئرمين ڪو چاهي نه چاهي پر اليڪشن ته ٿيندي، چونڊون 90 نه ته 120 ڏينهن ۾ ضرور ٿينديون، ڪرڪيٽر کي ڀوڳيو، کيس واپس اچڻ نه ڏنو ويندو، ڀت تي لکيل آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين ملڪن ۾ منصب انصاف ڏيندا آهن پر عدليه اڄ تائين شهيد ذالفقار ڀٽو جي خون سان انصاف نه ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان عوامي پارٽي آهي، جنهن سدائين عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي