موري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
قومي شاھراھه تي دادو باءِ پاس وٽ بس اڏي تي زرداري ۽ سوھو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو.
جھيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون، سروٽا ۽ مڪون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 9 ماڻھو زخمي ٿي پيا.
جهيڙي سبب قومي شاھر جي ٻنھي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر سخت پريشان ٿي ويا.
جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.