موري ويجهو نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
لانڍي ڀرسان نوجوان جو گوليون لڳل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي عمران پٽ غيبي خان لـُنڊ طور ٿي.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي رات دير سان اڻڄاتل جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.
پوليس موجب، لـُنڊ برادري جو پاڻ ۾ تڪرار هلندڙ هو، اڳ به هڪ نوجوان قتل ٿي چڪو آهي.