تازه ترين

موسميات کاتي اڄ کان بلوچستان ۾ اولهندي هوائون داخل ٿيڻ ۽ سورنهن ضلعن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي

- Advertisement -
موسميات کاتي اڄ کان بلوچستان ۾ اولهندي هوائون داخل ٿيڻ ۽ سورنهن ضلعن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو آچر جي رات دير سان بلوچستان ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ڪوئيٽا، زيارت، چمن، مستونگ، پشن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، چاغي، نوشڪي، قلات، خضدار، بارکان، سبي، هرنائي، زوب ۽ موسى خيل ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ الرٽ جاري ڪندي شهرين کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ ندي نالن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون