- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته خانگاهڻ جو عمل ۽ مالياتي انتظام جي بهتري ضروري آهي، قومي ايئر لائن کي خانگاهڻ لاءِ ٻيهر آندو ويندو، ايف بي آر جو ڪم ٽيڪس جمع ڪرڻ هوندو ۽ ٽيڪس پاليسي ٺاهڻ ناڻي واري وزارت جو ڪم هوندو، حڪومت ڪاروبار هلائڻ بابت خانگي شعبي کي پاليسيون ڏئي.
ڪراچيءَ ۾ پاڪستان بينڪنگ سمٽ کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان بينڪنگ سمٽ 2025ڪوٺائڻ اهميت جوڳو آهي، هنن حڪومت کي 30 ارب رپيا جمع ڪري ڏنا آهن.
سندس چوڻ هو ته بينڪنگ سيڪٽر ٽيڪس ادائگي ۾ تيل ۽ گيس جي شعبي کي پٺتي ڇڏي ڏنو، سمورن فنانس منسٽرن جو اتفاق آهي ته جيڪو سندن هٿ ۾ آهي ان تي ڌيان جي ضرورت آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته بينڪنگ سيڪٽر جو قومي معيشيت ۾ اهم ڪردار آهي، بينڪنگ سيڪٽر ملڪ ۾ دستاويزي معيشيت جي فارمولا تي ڪم ڪندو آهي.
هن چيو ته حڪومت جٽادار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري پئي.
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته صوبائي اسيمبلين مان زرعي ٽيڪس بابت بلن جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، ايندڙ بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ مشاورتي عمل جاري آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ رائٽ سائزنگ پاليسي تي عمل جاري آهي، جٽادار معاشي استحڪام لاءِ شيون ٻاهر اماڻڻ کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هر سيڪٽر کي ملڪي شيون ٻاهر اماڻڻ حصو شامل ڪرڻو پوندو، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، حڪومت واپارين کي هر فورم تي سهولت فراهم ڪندي.- Advertisement -
