- Advertisement -
موسميات کاتي ڪراچي ۾ چار جنوري کان ٿڌ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته شهر جو گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ وڃڻ جي به اڳڪٿي ڪئي آهي.
چمن سميت پاڪ افغان سرحدي علائقن م برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، اولهه سسٽم جي اثر هيٺ لاهور سميت پنجاب ۾ اڄ کان برسات ۽ آزاد ڪشمير ۾ برفباري جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سان گڏ سموگ جي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ سخت ٿڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سبب بڻجندڙ اولهندي هوائون ايران جي رستي ذريعي بلوچستان ۾ داخل ٿي ويون آهن جيڪي 4 جنوري تائين صوبي ۾ موجود رهنديون.
ان هوائن سبب 2 کان 4 جنوري دوران بلوچستان جي ضلعي ڪوئٽائ، چمن، پسين، زيارت، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، زون. بارکان، لورالائي، موسى خيل، قلات پنجگور، تربت، دالبندين ۽ نوڪنڊي ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي صوبي جي 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪندي هر قسم جي صورتحال لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي ڊِ ايم اي سياحن کي 2 کان 4 جنوري تائين صوبي جي جابلو علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.- Advertisement -
