- Advertisement -
مجلس وحدت المسلمين طرفان سڄي ملڪ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، علامه راجا ناصر عباس جو چوڻ آهي ته ڪرم معاهدي تي صحيون ٿي ويون آهن، معاهدي تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
متحده وحدت المسلمين سموري ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ايم ڊبليو ايم ڪراچي جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته ڌرين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، منهنجو مطالبو آهي ته معاهدي تي فوري عمل ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته سمورا مظاهرين پر امن طريقي سان پنهنجي گهر هليا وڃن.
علامه راجا ناصر عباس وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي واقعي تي جاچ ڪرائي، امن معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪومت دير نه ڪري، ڇاڪاڻ ته بي گناهن جو رت وهايو ويو آهي.- Advertisement -
