تازه ترين

موسميات کاتي  25 آگسٽ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ  چوماسي سسٽم بابت الرٽ جاري

- Advertisement -
موسميات کاتي  25 آگسٽ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ  چوماسي سسٽم بابت الرٽ جاري ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب طاقتور هوا جو گهٽ دٻاءُ وچ ڀارت تي موجود آهي، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ اولهه طرف حرڪت ڪندي  25 آگسٽ جي شام ۽ 26  آگسٽ جي صبح تائين اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿيندو. الرٽ موجب سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ڊويزن ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچيءَ  اڪثرن هنڌن تي  تيز برسات  ٿي سگهي ٿي، 25 کان 30 آگسٽ دوران بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، مٽياري ۽ عمرڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آهي. 26 کان 30 آگسٽ وچ ۾ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪمشور، نوشهروفيروز ۽  شهيد   بينظير آباد ۾ تيز توڙي انتهائي تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برساتن سبب ڪراچيءَ جا هيٺاهين وارن علائقن  پاڻي بيهجي سگهي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون