پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ دير جو ذميوار پ پ کي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ اختر مينگل سميت ٻين پارٽين اتفاق راءِ سان ٻيهر چونڊن جو فيصلو ڪيو، پيپلز پارٽي آخري وقت ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي، پ پ پنهنجي واعدي تان نه ڦري ها ته عام چونڊون ٿي وڃن ها، جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومتن جو ڪو تصور ئي ناهي، موجوده صورتحال سبب فوري طور عام چونڊون اڻٽر آهن.
لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون فيبروريءَ جي آخر تائين ٿينديون، موجوده صورتحال سبب فوري طور عام چونڊون اڻٽر آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪي حالتون قبائلي علائقن ۾ آهن ان ۾ چونڊ مهم هلائڻ ڏکيو آهي، جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومتن جو ڪو تصور ئي ناهي.
پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ اختر مينگل سميت ٻين پارٽين اتفاق راءِ سان ٻيهر چونڊن جو فيصلو ڪيو، پيپلز پارٽي آخري وقت ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي، پ پ پنهنجي واعدي تان نه ڦري ها ته عام چونڊون ٿي وڃن ها.
مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي آڻڻ وارن اعتراف ڪيو ته سندن ايجنڊا ڪجهه ٻي آهي، پي ٽي آءِ کي ان لاءِ آندو ويو ته ملڪ جي معيشيت کي ڪمزور ڪيو وڃي……..