مولانا فضل الرحمان گهڻن شين تي راضي ٿي ويو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان گهڻن شين تي راضي ٿي ويو آهي، جمهوريت ۾ آئين سازي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اتفاق راءِ جوڙڻو پوندو آهي. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته 18هين ترميم وانگر تجويز ڪيل ترميمن تي به اتفاق راءِ ٿئي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته  ٻن ڏينهن پهريان اسپيشل ڪميٽي جوڙي وئي، ان وقت اسيمبلي جو ماحول خراب هو، هنن اسيمبلي جو ماحول بهتر بڻائاڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ سياسي جماعت جي سربراهه عدليه ۽ آرمي چيف تي حملو ڪيو، هو اڄ تائين پنهنجي ان بيان تان پٺتي ناهي هٽيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جن ان اداري جي سربراهه کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهو ٿا. پ پ چيئرميبن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهٽ ۾ گهٽ اڪثريتي اتفاق راءِ کڻي اچن، هو 2006 کان ميثاق جمهوريت کي مڪمل ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن، جيڪڏهن کين هڪ ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
25%
2.8m/s
70%
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون