تازه ترين

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو دورو

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب  رات دير سان شاهراه نورجهان پهچي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پ پ اڳواڻن شڪيل چوڌري، يوسي چيئرمين دل محمد، شهزاد مجيد، ساجد شاهه، عنايت مروت سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ شاهراهه نور جهان پهتو جتي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو.

ڪي ايم سي آفيسرن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي هلندڙ ڪم جي اڳڀرائي  بابت بريفنگ پڻ ڏني، ميئر ڪراچي رئيس احمد جعفري روڊ جو به جائزو ورتو ۽ ٻنهي شاهراهن جي ڀرپاسي برساتي نالن جي هلندر ڪم جو به جائزو ورتو  ۽ ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون به ڏنيون.

ان موقعي تي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو ته هنن کي شهر جون رونقون بحال ڪرڻيون آهن، شهر ۾ ترقياتي ڪم کي مڪمل ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ روڊن رستن جي تعمير ۽ پارڪن جي بحالي سميت مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
35 %
3.2kmh
98 %
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون