- Advertisement -
ميان صاحب ويجهو سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران ٽي ڄڻا قتل ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ عظيم چانڊيو ۾ جهيڙي دوران جوابدارن گوليون هڻي نور نبي، گل خان ۽ ڪريم چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
مقتولن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
