- Advertisement -
پاڪستان رينجرز پنجاب جي نگراني هيٺ ڇهين نيشنل ٽينٽ پيگنگ چيمپيئن شپ جي شروعات ٿي وئي آهي.
نيشنل ٽينٽ پيگنگ چيمپيئن شپ 21 کان 23 فيبروري تائين جاري رهندي.
چيمپيئن شپ جو انتظام پاڪستان رينجرز پنجاب پولو گرائونڊ لاهور ۾ ٿي رهيو آهي.
ڇهين نيشنل ٽينٽ پيگنگ چيمپيئن شپ ۾ 85 ٽيمن مان 350 رانديگر روايتي نيزه بازي مقابلن کانسواءِ انٽرنيشنل اسٽائل جي مقابلن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن.
ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز پنجاب افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هو.
افتتاحي تقريب ۾ لڏي ۽ گهڙ ناچ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو.
رينجرز پبلڪ اسڪول جي ٻارن ملي نغمن ۽ رينجرز بينڊ تي خوب داد حاصل ڪيو.
پاڪستان رينجرز پنجاب ۽ ايڪوسٽرين فيڊريشن آف پاڪستان پاران گڏيل طور نيشنل ٽينٽ پيگنگ چيمپيئن شپ ڪرائي وئي آهي.
ٽينٽ پيگنگ چيمپيئن شپ جي تماشائين ۾ وڏو انگ نوجوانن جو هو.
گھوڙي سواري بابت راندين جي اداري فيڊريشن آف پاڪستان، پنجاب رينجرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي……..- Advertisement -
