ميان صاحب ۾ پيرسن شخص نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو آھي.
ڳوٺ عطر چانڊيو ۾ 68 ورھين جي مولا بخش چانڊيو کي نانگ ڪکي وڌو.
وارثن مولا بخش چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور جي اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
68 ورھين جي مولا بخش چانڊئي جو مڙھھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
وارثن جو چوڻ آھي تھ مولا بخش چانڊيو نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو آھي