ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد ڪيون آهن.
عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن کان لاش ڦري ساڙڻ واري ڪيس ۾ جوابدار مولوي احمد شاهاڻي ۽ محبوب ساند جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
عدالت ڪيس ۾ ضمانتن لاءِ ڏنل درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار نويد پنهور جي ننڍي عمر هجڻ سبب ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي.
ساڳي ڪيس ۾ 15 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جن کي جڊيشل رمانڊ تي هڪ ڀيرو ٻيهر جيل موڪليندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.