تازه ترين

ميرپورخاص ضلعي ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ برقرار

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميا جي نااهلي سبب سڄي سنڌ جيان ميرپورخاص ضلعي ۾ به درسي ڪتابن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن ڪري  لکين شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳل آهي

نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود مختلف ڪلاسن جي مختلف مضمونن جا ڪتاب نه ملي سگھيا آھن

 مليل ڄاڻ موجب نائين ڏھين ڪلاس جي انگريزي ميڊيم ھڪ به ڪتاب نه مليو جڏهن ته  انگريزي ميڊيم ۾ ڇهين کان اٺين  ڪلاس تائين حساب، سوشل اسٽڊي، سائنس، ھوم اڪنامڪس ۽ عربي مضمون جي ڪتابن جي کوٽ برقرار آھي

اردو ميڊيم ۾ اسلاميات ،عربي معاشيات ، سائنس جي ڪتابن جي پڻ کوٽ آھي، جنھن ڪري ضلعي جي لکين شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

ان سلسلي ۾ شاگردن جي والدين جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن حڪومت مفت ڪتاب مھيا نٿي ڪري سگھي ته اھا پاليسي ختم ڪري ۽ عام دڪانن تي نصابي ڪتاب مھيا ڪيا وڃن ته جيئن هو ڪتاب خريد ڪري پنھنجي اولاد کي صحيح نموني تعليم ڏياري سگھن

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون