ميرپورخاص ضلعي ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ برقرار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميا جي نااهلي سبب سڄي سنڌ جيان ميرپورخاص ضلعي ۾ به درسي ڪتابن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن ڪري  لکين شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳل آهي

نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود مختلف ڪلاسن جي مختلف مضمونن جا ڪتاب نه ملي سگھيا آھن

 مليل ڄاڻ موجب نائين ڏھين ڪلاس جي انگريزي ميڊيم ھڪ به ڪتاب نه مليو جڏهن ته  انگريزي ميڊيم ۾ ڇهين کان اٺين  ڪلاس تائين حساب، سوشل اسٽڊي، سائنس، ھوم اڪنامڪس ۽ عربي مضمون جي ڪتابن جي کوٽ برقرار آھي

اردو ميڊيم ۾ اسلاميات ،عربي معاشيات ، سائنس جي ڪتابن جي پڻ کوٽ آھي، جنھن ڪري ضلعي جي لکين شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

ان سلسلي ۾ شاگردن جي والدين جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن حڪومت مفت ڪتاب مھيا نٿي ڪري سگھي ته اھا پاليسي ختم ڪري ۽ عام دڪانن تي نصابي ڪتاب مھيا ڪيا وڃن ته جيئن هو ڪتاب خريد ڪري پنھنجي اولاد کي صحيح نموني تعليم ڏياري سگھن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
49%
3m/s
12%
جمعو
23 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون