تازه ترين

ميرپورخاص واقعو: جاچ ۾ شامل ڊي آءِ جي ۽ 2 ايس ايس پيز سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

- Advertisement -
عمرڪوٽ ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ گرفتار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مارڻ واري واقعي ۾ جاچ هيٺ پوليس آفيسرن سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا. صوبائي گھرو کاتي جي درخواست تي جاچ ۾ شامل ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. صوبائي گھرو کاتي جي درخواست تي اسٽاپ لسٽ ۾ هڪ انسپيڪٽر، 4 سب انسپيڪٽر ۽ 13 اهلڪارن جا نالا به شامل آهن. صوبائي گھرو کاتي ايف آءِ اي کي خط لکي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جـُڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون