- Advertisement -
کپري ڀرسان چانيھون برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيءُ قتل ۽ پٽ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ بانڪو چانيھون ۾ چانيھون برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب 62 ورهين جو پيرسن محمد پٽ عبدالحڪيم قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس پٽ رستم علي سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال کڻائي آئي، تي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو جڏهن ته مقتول جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
واقعي بابت کپرو پوليس ٻڌايو ته اطلاع آهن ته واقعو ڇوڪريءَ جي گهران نڪرڻ سبب جهيڙو ٿيو جنهن دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
