- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي مان مهر برادري جي ناري مبينا طور اغوا ٿيڻ بعد پلاند ۾ شيخ برادري جون 3 عورتون به اغوا ڪيون ويون جڏهن ته مهر برادري جي ناري کي واپس ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيخ برادري جون عورتون بازياب ناهن ٿي سگهيون.
ڳوٺ عرض محمد مهر واسڻ صغرا مهر مبينا طور اغوا ٿي وئي هئي.
مهر برادري پاران جمشيد شيخ تي صغرا مهر کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو.
مهر برادري پاران الزام هيٺ آيل نوجوان جي گهر تي ڪاهه ڪري پلاند ۾ سندس امڙ ۽ 2 ڀينرون اغوا ڪيون ويون هيون.
مهر برادري جي ناري ۽ شيخ برادري جي ٽن عورتن جي اغوا بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.
اطلاع ملڻ بعد پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورتن جي واپسي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڳوٺ عرض محمد مهر واسڻ اغوا ٿيل صغرا مهر بااثر جي معرفت واپس ٿي وئي آهي جڏهن ته شيخ برادري جون عورتون بازياب ناهن ٿي سگهيون.- Advertisement -
