ميرپورخاص ۾ اڳوڻي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال جي فيڪٽري تي ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل ڀاڻ جو هزارين ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن.
تعلقي حسين مري جي اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند سانگھڙ روڊ تي هري رام ڪشوري لال جي فڪيٽري تي ڇاپو هنيو.
ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل ڀاڻ جون 25 کان 30 هزار ٻوريون هٿ آيون جيڪي انتظاميا پنهنجي قبضي ۾ وٺي فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو.
اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻ فيڪٽري ۾ رکي بليڪ تي وڪرو ڪيو پئي ويو.
هن ٻڌايو ته فيڪٽري مالڪ کان هٿ آيل ڀاڻ جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، رڪارڊ نه مليو ته ڀاڻ سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي گذريل ڏينهن 50 کان 60 هزار ٽن ڀاڻ پرڪاش نالي ڊيلر کي ڏنو ويو آهي…..