ڳوٺ ڪوڙو مهر ۾ غلام فريد شباڻي بگٽي پنهنجي گهر واري کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي قتل ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، جوابدار گهر خالي ڪري عورت جو لاش بلوچستان کڻائي ويا آهن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳري رشوت وٺڻ بعد پوليس جوابدارن کي فرار اٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو آهي.


