- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر تبديل ٿي ويو، سنڌ هائيڪورٽ سکر بئنچ جي هدايت کانپوءِ جاچ آفيسر سراج لاشاري کي هٽائي ذميواري تنوير تنيو حوالي ڪئي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي هدايت تي آءِ جي سنڌ، نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي هڪ ڀيرو ٻهير جاچ تبديل ڪري ڇڏي.
شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سراج لاشاري کان ايس ايس پي نوابشاھ تنوير تنيو حوالي ڪئي وئي.
نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري، ڪيس جو گهوٽڪي جي عدالت ۾ چالان پيش ڪندي قتل ۾ ملوث پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خالد لنڊ کي آجو قرار ڏيندي سندس پٽ نور محمد لنڊ ۽ شهباز لنڊ کي ڪيس ۾ ملوث قرار ڏنو هو.
جاچ آفيسر ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به ختم ڪري ڇڏيا هئا.
گهوٽڪي جي عدالت جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽن شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي ضمانت رد ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
عدالت نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ دهشتگري جا قلم به بحال ڪيا هئا، ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ گهوٽڪي عدالت مان پوليس اڳيان فرار ٿي ويا هئا.
خالد لنڊ ۽ سندس پٽن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر مان گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت منظور ڪرائي هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي درخواست تي آءِ جي سنڌ کي ڪيس ۾ جاچ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو…- Advertisement -
