تحريڪ باني جو وڌيڪ هڪ يوٽرن، نيب ترميمن جي بحالي مان رليف حاصل ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
تحريڪ باني جو وڌيڪ هڪ يوٽرن، نيب ترميمن جي بحالي مان رليف حاصل ڪرڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ باني 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ بريت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف باني 190 ملين پائونڊز ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب ترميمن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد 190 ملين پائونڊز جو ڪيس نٿو ٺهي، نيب ترميمن ۾ ڪابينا جي سمورن فيصلن کي تحفظ حاصل آهي، سوال اهو آهي ته نيب ترميمن بعد احتساب عدالت جو هن ڪيس ۾ اختيار نٿو بڻجي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن احتساب عدالت جو هن ڪيس ۾ اختيار آهي ته پوءِ بريت جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي. تحريڪ انصاف باني جي وڪيل چيو ته هنن عدالت جي اختيار کي چئلينج ناهي ڪيو، عدالت جي اختيار جو فيصلو ڪرڻ عدالت جو صوابديده آهي. احتساب عدالت ڪيس ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقفو ڪيو جنهن بعد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
30%
2.5m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون