مير غالب ڊومڪيءَ تي حملو ڪو قبيلائي جهيڙو ناهي:ضياءَ الحسن لنجار

spot_img
سنڌ جي گهرو ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته مير غالب ڊومڪيءَ تي حملو ڪو قبيلائي جهيڙو ناهي نه ئي اهڙو  تاثر قائم ڪيو وڃي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، شرپسند هر هنڌ موجود هوندا آهن، امن امان بابت حڪومت جي پاليسي واضح آهي، ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، شرپسند دٻاءُ وجهڻ چاهن ٿا ته جنهن ۾ هو مڪمل طور ناڪا ٿيندا، ڪچي ۾ کين جلد ڪامياب ملندي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته مير عابد جتوئي ان واقعي بعد مير غالب ڊومڪي سان ملاقات لاءِ ويو، ملوث ڌاڙيلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس قدم کڻي رهي آهي، پوليس کي جلد ڪاميابي ملندي. هن چيو ته امن امان بابت حڪومت جي پاليسي واضح آهي، ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، شرپسند دٻاءُ وجهڻ چاهن ٿا ته جنهن ۾ هو مڪمل طور ناڪا ٿيندا. ضياءَ النجار چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي، ان ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي، پوليس۽ رينجرز ڌاڙيلن جا ٿاڪ تباهه ڪيا، ڪچي ۾ هو جلد ڪامياب ٿيندا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون