ميهڙ ۾ بدامني خلاف شهرين سميت مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
شهري اتحاد، قومي عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين سياسي سماجي توڙي مذهبي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي نااهلي سبب چوري ۽ ڦرلٽ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، علائقي واسي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن.
هنن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي،
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.