ميڊيا ذريعي ماڻهن ۾ خوراڪ جي تحفظ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومتي پاليسيون ۽ اسٽيڪ هولڊرن جا قدم تيز ڪرڻ لاءِ ڏينهن ملهايو ويندو آهي، موجوده دور ۾ خوراڪ سان پيدا ٿيندڙ بيماريون توڙي عالمي وبائون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، خوراڪ جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميواري ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. خوراڪ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته ميڊيا ذريعي ماڻهن ۾ خوراڪ جي تحفظ، صاف ۽ صحت ڏيندڙ خوراڪ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته قومي جي صحت يقيني بڻائڻ لاءِ فوڊ سيفٽي جي اعليٰ ترين معيار تي عمل ڪرڻو پوندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته خوراڪ جي تحفظ جي معيارن تي سختي سان عمل ڪري خوراڪ کي گدلاڻ ۽ ان ۾ ملاوٽ جي رجحان کي گهٽائي سگهجي ٿو، اچو هر شهري محفوظ، صاف ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ يقيني بڻائي. هن چيو ته هن سال خوراڪ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جو عنوان خوراڪ جو تحفظ غير امڪاني عنصرن لاءِ تياري آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته خوراڪ جي نگراني جي نظام ۾ سيڙپڪاري، لاڳاپيل ليبارٽرين کي مضبوط بڻائڻ ۽ هنگامي رد عمل جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
27%
2.7m/s
84%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون