- Advertisement -
حڪومت ڪراچي واسين تي به بجلي بم ڪيرائيندي اگهن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي پاران ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي لاءِ بجلي ڏهه رپيا هڪ پيسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي جڏهن ته بجلي هر مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب، جون ۾ 2 رپيا 68 پيسا، جولاءِ ۾ 3 رپيا 11 پيسا، آگسٽ ۾ 3 رپيا 22 پيسا ۽ سيپٽمبر ۾ هڪ رپيا في يونٽ اضافي وصول ڪيا ويا.
نيپرا نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اضافو ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشن تي لاڳو نه ٿيندو.- Advertisement -
