- Advertisement -
مٺي ۾ سنڌ حڪومت جي راندين ۽ يوٿ افيئر کاتي پاران سڀاڻي کان ٿر اسپورٽس ميلو لڳايو ويندو، جنهن جو افتتاح صوبائي وزير محمد بخش مهر ڪندو.
ٿر اسپورٽس ميلي ٻه ڏينهن سڀاڻي کان 27 فيبروري تائين جاري رهندو، جنهن ۾ اٺن، گهوڙن جي ڊوڙ، ميراٿن، ملاکڙو، ڪرڪيٽ، شوٽنگ بال، ونجھه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻين راندين جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته رات جو ميوزيڪل نائيٽ به ٿيندي.
راندين واري ميلي ۾ محفل موسيقي ۾ سنڌ جا نالي وارا راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، راندين جي مقابلن ۾ سنڌ جا پهلوان ۽ سنڌ جا گهوڙا، اٺ ۽ شوقين شرڪت ڪندا.
ٿر اسپورٽس ميلي ۾ مقامي چونڊيل نمائندا ارباب لطف الله، قاسم سراج سومرو، فقير شير محمد بلالاڻي، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ ٻيا عملدار اسپورٽس ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندا……….- Advertisement -
