- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو دورو ڪري اڏاتي ڪم جو معائنو ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو اڏاوتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ڏوهن کي روڪڻ لاءِ رات ڏينهن گشت يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مرا د شاهه چيوته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پل ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي پل آهي.
هن چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پل جي اڏاوت سان ٻنهي ضلعن سميت ٻين ضلعن جي عوام کي به فائدو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جو موقف واضح آهي، سنڌو درياهه مان ڪو به ڪئنال نه نڪرندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ ڪئنالن جي رٿا جي مخالفت ڪئي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوٽ الطاف ڀيو پهچي صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عابد حسين ڀيو سان سندن چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر کان گڊو تائين سفاري پارڪ لاءِ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ضروري آهي.
هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ماضي ۾ به نوڪريون ڏنيون آهن ۽ هاڻي به ڏيندا.
هن چيو ته جلد هڪ کان 14 هين گريڊ تائين بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 15 سال اڳ امن امان جي صورتحال خراب هئي، هاڻي صورتحال بهتر آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ سکر جي قيادت ۾ گهوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ آپريشن جاري آهي.- Advertisement -
