مٺي ۾ 49 ڪميونٽي مڊ وائيف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
ڪميونٽي مڊوائيف پاران زرينا بلوچ، شبانا ملڪ، لتا ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ گذريل ٽن سالن کان ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود کين نوڪري ۾ پڪو نٿو ڪيو وڃي.
مظاھرين چيو تھ گذريل ٽن مھينن کان پگھارون نھ ملڻ سبب گھرن ۾ فاڪا ڪشي واري صورتحال آھي.
ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندن پگھارون جاري ڪري نوڪري ۾ پڪو ڪيو وڃي.