مڪلي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار دم ڏئي ڇڏيو آهي.
زخمي پوليس اهلڪار گلبهار خشڪ کي ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
ٺٽي ۽ ور شهر سان تعلق رکندڙ خشڪ برادري جي نوجوانن ۾ ڪينجهر تان موٽندي جهيڙو ٿي پيو هو، جهيڙي دوران گلبهار سميت 4 نوجوان فدا حسين، ضياءُ ۽ امتياز زخمي ٿي پيا هئا.
فوتي اهلڪار جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد گهر پهچائڻ تي ڪهرام ۽ گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.
زخمي پوليس اهلڪار گلبهار خشڪ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويئي آهي.